آڪٽوبر جو مهينو رڳو 21 ڏينهن جو ؟

0
159

 دوستو جيڪڏھن توھان عيسوي سن 1582ع جو اڪٽوبر مھينو ڏسندئو ته حيران ٿي ويندئو، ڇو ته آڪٽوبر 1582ع جو مھينو رڳو 21 ڏينھن جو ھيو ۽ ان مھيني ۾ 4 تاريخ کان پوءِ 15 تاريخ ايندي آھي ۽ وچ وارا ڏينھن گم آھن.

                         اصل ۾ اھا ڪيلينڊر جي خرابي يا ڪا ڀُل چُڪ ناھي پر ايئن ھاسيڪار ڪيو ويو ھيو ڇاڪاڻ ته ان سال يعني 1582ع ۾ دنيا جولين ڪيلينڊر کان گريگورين ڪيلينڊر تي منتقل ٿي ھئي جيڪو اڄڪلھه استعمال ٿي رھيو آھي..

                         ھي ڪيلينڊر عيسائين جي “پوپ گريگوري تيرھين”  Pope Gregory XIII سال 1582ع ۾ متعارف ڪرائي، انگلينڊ ۽ ان جي انتظام ھيٺ ھلندڙ ڪالونين ۾ نافذ ڪرايو ھيو جيڪو بعد ۾ ٻين ملڪن پرتگال،يونان،ترڪي،اٽلي ۽ اسپين وغيره ۾ به اختيار ڪيو ويو ، پوءِ سڄي دنيا ۾ رائج ٿي ويو ۽ اڄڪلھه اسان به گريگورين ڪيلينڊر ئي استعمال ڪريون ٿا.

                         سال ۾ ٻه ڏينھن اھڙا ھوندا آھن جڏھن رات ۽ ڏينھن ھڪجيترا ٿيندا آھن اھي ٻئي ڏينھن  21-22 مارچ ۽ 23-22 سيپٽمبر ھوندا آھن انھن ٻنھي ڏينھن کي   Equinox چيو ويندو آھي۔ مارچ جو مھينو بھار ۾ ايندو آھي جنھن ڪري 22-21 تاريخ کي Spring equinox  چئبو آھي،

پراڻي ڪيلينڊر کي جڏھن نئين گريگورين ڪيلينڊر ۾ تبديل ڪيو ويو ته ان ۾ ٻنھي Equinox جي وچ ۾ ڏھن ڏينھن جو فرق پئي ٿيو ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ آڪٽوبر جي مھيني مان ڏھه ڏينھن ڪڍي حساب پورو ڪيو ويو ۽ پوءِ نئون گريگورين ڪيلينڊر مک Astronomical ايونٽس سان ھم آھنگ ٿي ويو.

ان کان اڳ جولين ڪيلينڊر نافذ ھيو جيڪو 45 قبل مسيح ۾ رومن شھنشاھه جوليس سيزر لاڳو ڪيو ھيو…

(استاد خالد جي فيس بوڪ وال تان ورتل)