برمنگهم جي يونيورسٽي ۾ سنڌي نوجوان … سيد خليل احمد

0
145

فيس بڪ جا ڪيترا ٿورا لاهجن! نوجوان ميسنجر تي رابطو ڪري چيو اوهان يوڪي ۾ برمنگهم ۾ آهيو؟

مون کيس پنهنجو نمبر موڪليو چيائين ته منهنجي داخلا برمنگهم ۾ يونيورسٽي آف لاءِ ۾ ٿي آهي ۽ آئون بار ڪرڻ آيو آهيان.

اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ دل ۾ هڪ احساس پئي ٿيو ته 65 ڄڻن جي ايتري وڏي ڪلاس ۾ آئون اڪيلو سنڌي آهيان ڪاش ڪو هڪ ٻيو پنهنجو هجي ها جنهن سان پنهنجي ٻولي ۾ ڪچهري ڪري سگهان ها!

نوجوان فصيح چنا ٻڌايو ته هو ويزا دير سان اچڻ ڪري دير پهتو،خير کيس ڦورن رهائش جو بندوبست ڪري ڏنو ۽ هاڻ هو هڪ سٺي اداري ۾ پارٽ ٽائم جاب به ڪندو آهي.

مونکي تمام گهڻي خوشي تڏهن ٿي جڏهن مون کيس ڪلاس ۾ تمام شاندار طريقي سان جواب ڏيندي ڏٺو سندس ڪانفيڊنس ڏسي پڻ انتهائي گهڻي خوشي ٿي ۽ محسوس ٿيو ته سنڌ جي نوجوانن کي رڳو موقعو ملي ته هو دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڄرائيندا.

افسوس ان ڳالهه جو آهي جو اسان جي نوجوانن کي ايترا موقعا نٿا ملن ايتري حد تائين جو پنهنجي راڄڌاني ڪراچي جي ورسٽين ۾ اسان کي داخلا نٿي ملي.

مون يوڪي جي ڪجهه ساٿين سان گڏ اهو طئي ڪيو آهي ته مختلف شعبن ۾ اسين پنهنجن نوجوانن کي هتي آڻڻ جي ڪوشش ضرور ڪنداسين.

اوهان ڀلي مونسان ان ڳالهه تي اختلاف رکو پر منهنجي مشاهدي مطابق هڪ نئين نوجوانن جي سنڌ جڙي پئي جيڪا بندوق ۽ گولين سان نه پر ميوزڪ،شاعري،تعليم ۽ سوشل ميڊيا جي شعور وسيلي وجود ۾ اچي پئي. (فيس بوڪ تان ورتل)