عدالت ۾ فون تي ڳالهائڻ نيب جي جاچ آفيسر کي مهانگو پئجي ويو

0
253
غيرقانوني اڏاوت ۾ ملوث

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جي جاچ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪامران کي عدالت ۾ فون تي ڳالهائڻ مهانگو پئجي ويو

عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت جاچ آفيسر ڪامران جو موبائل فون پڻ ضبط ڪري ورتو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته توهان کي هاڻي توهين عدالت تي جيل موڪلي رهيا آهيون

جنهن تي نيب جي جاچ آفيسرچيو ته سوري، معاف ڪيو، مون کان غلطي ٿي وئي، جنهن تي معزز ججج چيو ته ڇا سوري، عدالت ۾ بيهڻ جو هي ڪهڙو طريقو آهي؟