حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڪلاٿ  مارڪيٽ واري علائقي ۾ ٽرانسفارمر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن کي خوفناڪ باهه پڻ وڪوڙي وئي. ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جي ڪري ان جي هيٺان بيٺل ريڙهو سڙي ويو جڏهن ته ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس ڦلهجي ويو. ٽرانسفارمر جي ڌماڪي سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پڻ پئجي وئي ۽ عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو گندين نالين ۾ وڃي ڪريا. سياري ۾ سردي سبب ٽرانسفارمرن تي لوڊ نه هوندو آهي پر ان جي باوجود سخت سردي ۾ ڪلاٿ مارڪيٽ واري علائقي ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته حيسڪو اختياريون ڪرپشن ڪري ٽرانسفارمر تبديل نٿيون ڪن ۽ شهر جي جڳهه جڳهه تي پراڻا ٽرانسفارمر لڳايا ويا آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهن ٿا. دڪاندارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽرانسفارمر جي باهه تي ضابطو آندو. اهو واقعو ميمڻ سب ڊويزن جي شاهي بازار فيڊر ۾ پيش آيو. حيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرانسفارمر جي مٿان پلازه تان ڪنهن ڪچرو اڇليو جنهن سبب ٽرانسفارمر ۾ اسپارڪنگ پيدا ٿي ۽ باهه ڀڙڪي پئي. ترجمان مطابق ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڦليلي ڊويزن ۽ ٻيو عملو واقعي واري هنڌ پهتو.