عثمان شاھ ھڙين (ن پ ا) عثمان شاھ ھڙي ويجھو عمر ساند ٿاڻي آڏو ٽنڊو آدم مين روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو غلام فريد جمالي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي عمر ساند پوليس سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جي سٽ نه سھندي غلام فريد جمالي دم ڌڻي حوالي ڪيو. جڏهن ته فوتي جي سڃاڻپ عثمان شاهه ھڙي ڀرسان ڳوٺ جان محمد جمالي واسي طور ٿي. عمر ساند پوليس سول اسپتال ٽنڊوالهيار ۾ لاش جي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو لاش گھر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.