اسلام آباد: اٽارني جنرل ۽ فاروق نائڪ چيف جسٽس سان ان چئمبر ملاقات ڪئي، جسٽس اعجاز الاحسن به موجود هو، اٽارني جنرل ۽ فاروق نائڪ ججز کان وڌيڪ وقت گهري ورتو، پ پ جي وڪيل چيو ته مولانا فضل الرحمان پارٽي سان مشاورت لاءِ وقت گهريو آهي، استدعا آهي ته عيد کانپوءِ جو وقت ڏنو وڃي، چونڊن تي تفصيلي مشاورت جي ضرورت آهي، پارٽي سربراهه ئي ويهي اپوزيشن سان ڳالهين ذريعي لائحه عمل طئي ڪندا. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اٽارني جنرل چيو ته عدالت کان وڌيڪ وقت گهريو آهي، هاڻي اوهان به عيد جي موڪلن تي وڃو، هاڻي ٻڌڻي 27 اپريل تي ٿيندي، فاروق نائيڪ چيو ته چيف جسٽس سان تفيصلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سپريم ڪورٽ 14 مئي جي تاريخ ڏني آهي، ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، سموريون پارٽيون چاهين ٿيون ته هڪ ئي ڏينهن پوري ملڪ ۾ چونڊون ٿين.