اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئين کي رڳو پاليامينٽ ٻيهر لکي سگهي ٿي ٻئي ڪنهن کي به آئين ٻيهر لکڻ جي اجازت ناهي، وزير اعظم شهباز شريف  آئين کي ڊجيٽل ڪرڻ بابت ايپ جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته عدليه آئين جي تشريح ته ڪري سگهي ٿي پر ان کي ٻيهر لکي نٿي سگهي، وزير اعظم چيو  ته دنيا ۾ ڪٿي به مثال نٿو ملي ته پارليامينٽ ۾ غور هيٺ قانونسازي تي اسٽي جاري ڪيو وڃي، هن چيو ته ملڪ جون حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، رياست کي بچائڻ لاءِ پنهنجو سياسي اثاثا به قربان ڪرڻ کان پوئتي نه هٽنداسين،  شهباز شريف چيو ته  پاڪستان جي آئين کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، نوجوان نسل آئين پاڪستان جي ايپ ذريعي وڏو فائدو حاصل ڪري سگهندا.