اسلام آباد(بيورو پرورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جو 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو واپس نه ٿيندو، سياسي اڳواڻ عيد کانپوءِ نه پر اڄ ئي ويهي ڳالهيون ڪن، اٽارني جنرل پاران مهلت طلب، عدالت مهلت منظور ڪندي 27 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي سراج الحق، شاهه محمود قريشي، قمر زمان ڪائرا، شيخ رشيد ۽ اٽارني جنرل سميت ٻيا اڳواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت پاران وزير اعظم شهباز شريف، عمران خان، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، خالد مقبول صديقي، اسفند يار ولي، چوڌري شجاعت حسين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي  چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جو 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو واپس نه ٿيندو، جولاءِ ۾ وڏي عيد کانپوءِ اليڪشن ٿي سگهي ٿي، سياسي اڳواڻ عيد کانپوءِ نه پر اڄ ئي ويهي ڳالهيون ڪن، چيف جسٽس چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان جي تجويز سان اتفاق ڪيو، خوشي آهي ته سمورن ليڊرز آئين جي پاسداري جي ڳالهه ڪئي آهي، ڳالهين ۾ هوڏ نه ٿو هلي سگهي، ٻطرفي ڏي وٺ سان ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهن ٿيون، پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته حڪومتي سياسي جماعتن جا سربراهه عيد کانپوءِ حتمي فيصلو ڪندا، جنهن بعد تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪيون وينديون، چيف جسٽس چيو ته سراج الحق، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڪوشش ڪئي آهي، بعد ۾ پي ٽي آءِ به گڏ چونڊن جي ڳالهه ڪئي، اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان به لچڪ ڏيکاريندو، چيف جسٽس چيو ته عدالتي فيصلو واپس وٺڻ مذاق نه آهي، عدالتي فيصلي کي ڪنهن چئلينج به نه ڪيو آهي، سياسي پارٽين جي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي ته عدالت پنهنجي حڪم تي غور ڪري سگهي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جماعت اسلامي جي امير کي مخاطب ٿيندي چيو ته سراج الحق صاحب اوهان سٺو  ڪم ڪري رهيا آهيو، اوهان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، الله اوهان کي ڪامياب ڪري،  سراج الحق چيو ته سياسي جماعتن جي جهيڙي سان نقصان رڳو غريب عوام جو آهي، دنيا حيران آهي ته ايٽمي ملڪ جو عوام اٽي جي ٿيلهي پويان ڊوڙي رهيو آهي،  آئين 90 ڏينهن اندر اليڪشن جو چيو آهي پر ڪنهن هڪ شخص جي مرضي  نه پر سموري جماعتن پاران اتفاق ٿيڻ گهرجي، سراج الحق قرباني واري عيد کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جي تجويز به پيش ڪئي. سراج الحق چيو ته مون ٻنهي جماعتن سان خلوص سان ڳالهيون ڪيون، مون کان پڇيو ويو ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي ته ڳالهه نه پيا ڪيو، ڪڻڪ جي لاباري ۽ حج سيزن گذرڻ ڏني وڃي، وڏي عيد کانپوءِ چونڊون ڪرايون وڃن، سراج الحق چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت هي معاملو سياستدانن تي ڇڏي ڏئي ۽ پاڻ کي سرخرو ڪري، سياستدانن کي پهرين پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو پوندو، سياسي جهيڙن جو نقصان اڳواڻن نه پر عوام کي ٿئي ٿو.سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏيندي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين  شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ سياسي راءِ آهي، هڪ قانوني راءِ، قانوني راءِ ۾ آئين تحت 90 ڏينهن ۾ چونڊون لازمي آهن، تحريڪ انصاف صرف چونڊن تي ڳالهيون چاهي ٿي، پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي، پي ڊي ايم چيو هو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙيو اسان قومي اسيمبلي ٽوڙينداسين، پي ڊي ايم جي چوڻ تي صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون، پي ڊي ايم چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو، هن چيو ته ڳالهيون ته ڪيئي سال هلي سگهن ٿيون، جيئن ڪشمير مسئلو، اسان کي خدشو آهي ته حڪومت چونڊن ۾ دير چاهي ٿي ۽ ڳالهين ۾ ڊيگهه ڪئي ويندي، 14مئي جو فيصلو قوم قبول ڪيو آهي، مناسب تجويزون ڏنيون ويون ته رستو ڪڍنداسين. چيف جسٽس چيو ته وزارت دفاع جي به اها ئي استدعا آهي ته گڏيل چونڊ ٿئي، درخواستگذار به ساڳئي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اٽارني جنرل اهو نقطو اٿاريو پر سياست جي ور چڙهي ويو، فاروق نائيڪ به چاهي پيو پر بائڪاٽ ٿي ويو، پ پ اڳواڻ ڳالهين کي ساراهن ٿا، نواز ليگ به ڳالهين جي تجويز کي ساراهيو آهي. پ پ پاران فاروق نائيڪ چيو ته خواجه سعد رفيق، قمر زمان ڪائرا، طارق بشير به آيا آهن، ايم ڪيو ايم کان صابر قائمخاني، بي اين پي به موجود آهي، حڪومتي سياسي اتحاد جو گڏيل موقف آهي ته 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو وقت گذري چڪو آهي، عدالت ٻه ڀيرا 90 ڏينهن کان تاريخ اڳتي وڌائي چڪي آهي، سياسي پارٽيون اڳ ئي گڏيل چونڊن تي ڪم ڪري چڪيون آهن، بلاول مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪئي آهي، عيد بعد سياسي ڳالهيون مڪمل ٿينديون، پي ٽي آءِ سان به ڳالهيون ڪنداسين، ڪوشش ڪنداسين ته سياسي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن چيو ته معاملا پارٽين وچ ۾ طئي ٿيڻ گهرجي ۽ سياسي معاملن  ڪنهن اداري کي مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. قمر زمان ڪائرا عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته خواجا سعد رفيق جي ڳالهين سان اتفاق ڪريان ٿو، تلخي گهڻي آهي، جڏهن ملڪ ۾ تلخيون وڌيون ته سياس قوتون کي ويهي حل ڪڍڻو پيو، سياسي پارٽي طور حڪومت اتحاد کان اڳ ڳالهين جي شروعات ڪئي، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد چونڊن تي اتفاق راءِ ٿي وڃي، ملڪ لاءِ بهتر فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته عدالت ۾ ٽاڪ شو يا مڪالمو نٿا ڪرڻ چاهيون، ملڪ ۾ گڏ ۽ مقرر وقت کان اڳتي به چونڊون ٿيون، آئين ٺاهيندڙ ان جا محافظ آهن، آئين کان ٻاهر وارن جي سامهون بيٺل آهيون، سياست ۾ گنجائش پيدا ڪرڻ گهرجي، شيخ رشيد عدالت ۾ چيو ته عدالت جو فيصلو پوري قوم جو فيصلو هوندو، ائين نه ٿئي ته ڳالهين ۾ ننڍي ۽ وڏي عيد گڏ ٿي وڃي، ڳالهيون با معنيٰ ٿيڻ گهرجن، هڪ قابل احترام شخصيت اڄ بائڪاٽ ڪيو آهي. عدالت ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته فاروق نائڪ ۽ اٽارني جنرل چيف جسٽس سان چئمبر ۾ ملاقات ڪئي، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ رابطن جو ٻڌايو ويو آهي، عيد جي ڪري رابطن ۾ وقفو ايندو، اڪثر سياسي اڳواڻ عيد جي ڪري پنهنجي اباڻي علائقن ۾ آهن، اڳواڻن جي ملاقات 26 اپريل تي ٿيندي، جنهن ڪري ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27اپريل تي ٿيندي، سپريم ڪورٽ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪندي سياسي پارٽين کي 4 وڳي تائين وقت ڏنو هو، سياسي پارٽين عدالت کان وقت گهريو.