عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) عثمان شاهه هڙي ويجھو حادثي ۾ عورت فوت ٿي وئي ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪالھه شام عثمان شاھ ھڙي ويجهو ٽنڊوالهيار۔ ٽنڊوآدم مين روڊ جي بس اسٽاپ ٽنڊوسومرو وٽ تيز رفتار ڪيلي سان ڀريل ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر سبب ڳوٺ بهارخان ميرجت واسي فياض ميرجت جي گهر واري مسمات انيلا فوت ٿي وئي ۽ هڪ معصوم نينگر ۽ نوجوان اياز ميرجت زخمي ٿي پيا. فوتي عورت جي لاش کي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو فوتي هوڏانهن عمرساند ڪيلي سان ڀريل ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو رات دير تائين واقعي جو ڪيس درج نه ڪيو ويوهو.