عاليا سان شادي کانپوءِ زندگي ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي: رنبير

0
152
عاليا سان شادي کانپوءِ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور عاليا ڀٽ سان شادي کانپوءِ پنهنجي حالت بابت ٻڌائيندي چيو آهي ته سندس زندگي ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي

رنبير ڪپور جو چوڻ آهي ته عاليا ڀٽ سان شادي کانپوءِ ڪا وڏي تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته اسان پنجن سالن کان گڏ آهيون ۽ شادي کانپوءِ پنهنجن ڪمن لاءِ نڪري وياسين

رنبير موجب عاليا شوٽنگ تي هلي وئي ۽ مان منالي هليو ويس، ڪم کان پوءِ هفتي جي موڪلن تي وينداسين. عاليا ڀٽ جڏهن 11 سالن جي هئي ته هن ڊيٽنگ شروع ڪري ڇڏي هئي

عاليا جي ورن ڌون، سڌارٿ ملهورتا سان لاڳاپن جون خبرون به اينديون رهيون هيون پر ڪنهن فنڪار مڃيو نه هو. نيٺ عاليا کي رنبير ڪپور وڻي ويو هو ۽ رنبير کي به عاليا پسند اچي وئي جنهن بعد جوڙي شادي ڪري ورتي آهي