راکي ساونت کي مڙس رتيش کان ڌار ٿيڻ بعد بواءِ فرينڊ ملي ويو

0
204
راکي ساونت کي مڙس

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت کي پنهنجي مڙس رتيش کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو بواءِ فرينڊ ملي ويو ۽ سندس نئين بواِ فرينڊ جو نالو عادل خان دراني آهي

راکي ساونت هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سندس نئين بواءِ فرينڊ عادل خان هن کي ملاقات ٿيڻ کانپوءِ پهرين ئي مهيني دوران دبئي ۾ هڪ خوبصورت گھر ۽ هڪ بي ايم ڊبليو ڪار تحفي ۾ ڏئي ڇڏي آهي، عادل هن کي شادي جي آڇ به ڪئي آهي

پنهنجي بواءِ فرينڊ بابت ڳالهائيندي راکي چيو ته عادل جو تعلق ميسور سان آهي، هو گھڻو وڻندڙ ۽ وفادار انسان آهي. سندس موجب رتيش کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي هيس، پوءِ خدا کي مون تي ايترو پيار آيو جو هن منهنجي زندگي ۾ عادل کي اماڻي ڇڏيو. راکي ان موقعي تي اهو به ٻڌايو ته عادل خان گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، ان کانسواءِ هن جا ٻيا به ڪيترائي ڪاروبار آهن