صدر پاران عام چونڊون 6 نومبر تي ڪرائڻ جي تجويز

0
115

صدر عارف علوي ملڪ ۾ 6 نومبر تي عام چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن لکيل خط ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته مون 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي

صدر جو اختيار آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪري، آئيني ذميواري پوري ڪرڻ خاطر چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي دعوت ڏني وئي

صدر جي خط موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ته اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، وفاق کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي

صدر خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري، اليڪشن ڪميشن هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ لاءِ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري

آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت اهو صدر جو اختيار آهي ته اسيمبلي ٽٽڻ کان 90 ڏينهن اندر ڪا تاريخ مقرر ڪري، چونڊون قومي اسيمبلي جي ٽٽڻ کانپوءِ اڻيانوهين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر تي ٿيڻ گهرجن