چيف اليڪشن ڪمشنر کي به خبر نه آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي: بلاول

0
174

مطفر ڳڙهه: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي به خبر نه آهي ته اليڪشن ڪڏهن ٿيندي، چونڊن بابت پيپلزپارٽي جي سي اي سي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو

بلاول ڀٽو زرداري مظفر ڳڙهه ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته هڪ جماعت پنهنجو پاڻ اليڪشن جي تاريخ ڏئي رهي آهي، ڏکڻ پنجاب جو عوام هيل دوکيبازن جي پٺيان نه لڳي

هن چيو ته  ملڪ تي چئن سالن لاءِ هڪ نااهل شخص کي مڙهيو ويو، جنهن معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي تباهه ڪري ڇڏي

بلاول ڀٽو چيو ته اسان عوام سان گڏجي سليڪٽڊ سرڪار جو خاتمو آندو، هاڻي عوام جي ووٽ سان ئي هڪ آئيني ۽ جمهوري حڪومت وجود ۾ آڻينداسين