ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر جو نوجوان تي وحشياڻو تشدد

0
162
ڪراچي: منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ
ڪراچي: منگهو پير واري علائقي مان ٻن ڄڻن جا هٿ ٻڌل لاش هٿ

ڪراچي ۾ نيپا چورنگي ويجهو واقعي برائيٽ سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر عرفان پٺاڻ مبينا طور چوري جو الزام هڻي نوجوان کي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو

تشدد جو نشانو بڻيل سليم سولنگي سيڪيورٽي ڪمپني جي مينيجر خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته متاثر نوجوان الزام هنيو آهي ته گلشن اقبال پوليس ڪيس داخل ڪرڻ انڪار ڪري ڇڏيو آھي

سليم سولنگي موجب سنڌي هجڻ جي ڪري مختف بهانن سان ڪمپني مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، چوري جو ڪوڙو الزام هڻي ڪمپني جي مينيجر عرفان پٺاڻ رسن سان ٻڌي سڄي رات لوهي سيخن سان تشدد جو نشانو بڻايو

متاثر نوجوان جي وارثن پاران ڪيس داخل نه ٿيڻ تي گلشن اقبال پوليس خلاف ٿاڻي جو گهيراءُ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪمپني مينيجر ظلم ڪيو آھي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي