صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي: آءِ جي سنڌ کي بريفنگ

0
118
رستن تي ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم هلندڙ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي: آءِ جي سنڌ
رستن تي ڪيمرائون لڳائڻ جو ڪم هلندڙ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي: آءِ جي سنڌ

سکر (بيورو رپورٽ)  آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي صدارت هيٺ ڊي آءِ جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته آءِ جي سنڌ رفعت مختار  جي صدارت هيٺ ڊي آءِ جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ صحافي جان محمد مهر قتل  ڪيس ۾ اڳڀرائي، قاتلن جي گرفتاري  ۽ امن امان بابت غور ويچار ڪيو ويو

ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر پاران آءِ  جي سنڌ کي جان محمد مهر قتل ڪيس  ۽ جاري آپريشن بابت جي بريفنگ ڏني وئي

پوليس ذريعن موجب آئي جي سنڌ سکر ۾ گهوٽڪي جي ڪچي  ۾ جاري آپريشن جو ڊي آئي جي ۽ ايس ايس  پيز سان گڏ جائزو وٺندو

سڀاڻي آئي جي سنڌ شڪارپور ۽ ڪشمور  جي ڪچي ۾ آپريشن ۽ امن امان متعلق  صورتحال جو جائزو وٺندو