ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ مهرو ميتلو ۾ عورت مبينا قتل، وارثن جو ڌرڻو

0
100
پنوعاقل جي ڪچي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ھڪ ناري قتل، ٻي زخمي
پنوعاقل جي ڪچي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ھڪ ناري قتل، ٻي زخمي

ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ مهرو ميتلو ۾ عورت مبينا قتل، وارثن  طرفان ڌرڻو هنيو ويو، ڳوٺ مهرو ميتلو ۾ عورت مبينا طور قتل ٿي وئي، وارثن ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان جون ٻه نياڻيون ريما ۽ وسيمان کي  اغوا ڪيو ويو هو، عدالت ۾ پٽيشن داخل  ڪرائڻ تي حملو ڪيو ويو

مقتولا عورت جي وارثن چيو ته رند ڌر جي ماڻهن حملو ڪري  فائرنگ ڪئي جنهن ۾ راڻي  ميتلو مارجي وئي

الهه وسايو جو چوڻ هو ته جهان خان رند ۽ ٻين اسان جي راڻي ميتلو کي قتل ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي

جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين