سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ قائم دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت صالح پٽ ۾ قتل ٿي ويل صحافي اجي ڪمار لالواڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جوابدارن پاران قتل ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ مان سيشن ڪورٽ سکر منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. جوابدار ڌر جا وڪيل نه هئڻ ۽ درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.