ٽنڊومستي (ن پ ا ) ٽنڊومستي ڀرسان 3 ھفتا اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي مبينا اغوا ٿيل 2 شاگرد ڌاڙيلن وٽان بازياب ٿي گهر پهچي ويا. خيرپور پوليس پاران مغوين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪارروائي ڪري بازياب ڪرڻ جي دعويٰ، علائقي ۾وارثن پاران ڳري ڀنگ پرڻ جا چوٻول، خبرموجب ٽنڊومستي ڀرسان ٽئي ھفتا اڳ ڳوٺ ڦوڙي چانڊيا مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ستين ڪلاس جا شاگرد حاڪم علي چانڊيو ولد معتبر چانڊيو ۽ غلام سرور ولد مراد علي چانڊيو عورتاڻي آواز تي هرکجي خيرپور شاھ حسين ٿاڻي جي حد مان مبينا اغوا ٿي ويا ھئا، جيڪي گذريل ڏينهن خيرپور پوليس موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروائي ڪري چڪ جي ڪچي واري علائقي شاھ ٻيلي مان ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي وارثن جي حوالي ڪيا آهن. ھوڏانھن گھر پھچڻ تي مغوين جي وارثن ۾ خوشي جي لھر ڇائجي وئي آهي. وارث پنهنجي جگر جي ٽڪڙن کي ڏسي ڀاڪر ۾ وجھي خوشي مان روئندا رھيا. جڏهن ته علائقي ۾ مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاء وارثن پاران 6 لک ڀنگ ڀرڻ جو چوٻول ھلي رھيو آهي.