ڇاڇرو (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ڇاڇرو ۾ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون روز جو معمول بڻجي ويو آهن، شهرين جي مسلسل احتجاج بعد ٽائون آفيسر محمد يوسف سوڍو 3 مهينن کان پوءِ 2 ڏينهن اڳ آفيس پهتو هو، جنهن کان شهرين سخت پڇاڻو ڪيو هو، گذريل ڏينهن ٽائون آفيسر يوسف سوڍو جي موجودگي ۾ صبح جو 7 وڳي عمران لوهار نالي عملدار پهچي مقرري جي دعويٰ ڪندي چيو ته آئون جوائننگ ڪرڻ آيو آهيان، ٿوري دير بعد نديم ڀنڊ نالي هڪ ٻئي عملدار به آفيس پهچي دعويٰ ڪندي چيو ته منهنجي مقرري ٿي آهي، مون کي جوائننگ ڏني وڃي، ان موقعي تي آفيس ۾ موجود ملازم پريشاني جو شڪار ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوندا رهيا ته هاڻي پنهنجون رهيل پگهارون ڪهڙو آفيسر ڪندو ؟ شهري به آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو ٻڌي آفيس پهتا، جتي آفيسر هڪ ٻئي جون آرڊر ڪاپيون کڻي شهرين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا آرڊر هڪ ٻئي پويان ٿيا آهن، هاڻي ڏسجي ته آخر ۾ ڪنهن جو آرڊر ٿيو آهي، جنهن جو آرڊر پوءِ جو هوندو اهو ٽائون جي ڪرسي تي ويهندو، ٻي پاسي ٽائون آفيسر عمران لوهار سنڌ بئنڪ ڇاڇرو پهچي بئنڪ مئنيجر کي آرڊر ڪاپي پڻ ڏني.