صحافين جي تحفظ بابت درخواست تي قانون واري سيڪريٽري جي طلبي

0
402
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي گهرو سيڪريٽري جا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين لاءِ قانون سازي بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت لاڳاپيل سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت قانون واري سيڪريٽري ۽ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري کي 6 فيبروري تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته معذرت سان مونکي نيوز پيپر وارو قانون سمجهه ۾ ناهي آيو ته اهو آخر آهي ڇا؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مسئلو نيت جو آهي، ڪنهن کي هن ڪم لاءِ رٽ پٽيشن ۾ اچڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي

Pakistani talk show host Hamid Mir makes a combeback after a nine-month ban

سينيئر صحافي حامد مير عدالت کي ٻڌايو ته آئون اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لاءِ  قانون سازي جي حق ۾ آهيان، جنهن تي جسٽس عمر فاروق ريمارڪس ڏنا ته صحافين کي پگهارن جي ادائيگي ۾ دير وارو به  ايشو آهي؟

صحافي حامد مير چيو ته اڪثر صحافين وٽ ته لکت طور ملازمت جو ڪو ثبوت ئي ناهي، پيمرا کي قانون ۾ اختيار ڏنو ويو آهي ته اها صحافين جي حقن جو  تحفظ ڪري

عدالت قانون واري سيڪريٽري ۽ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري کي 6 فيبروري تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي