صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ ۾ شهيد صحافي اجي لالواڻي جي وارثن سان نيشنل ڪميشن فار منارٽيز جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاني ۽ ميمبرن لالواڻي هائوس صالح پٽ ۾ تعزيت ڪري وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو، شهيد صحافي جي والد دليپ ڪمار چيو ته منهنجي پٽ کي حق سچ لکڻ تان قتل ڪيو ويو، 40 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس قتل جي ماسٽر مائينڊ جوابدارن کي هٿ ناهي وڌو، جڏهن ته بااثر جوابدارن هندو ڪميونٽي جي ڪاروباري ماڻهن کي حراسان ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي چيئرمين چيلارام ڪيولاني ۽ ڊاڪٽر جيپال ڇبريا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اجيڪمار لالواڻي کي صحافتي ذميواري ادا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو آهي, مقامي پوليس ڪيس جي صحيح معني ۾ پوئواري ناهي ڪئي اميد آهي ته ايس ايس پي امجد شيخ ميرٽ ڪندو ۽ شهيد جي خون سان انصاف ٿيندو جڏهن ته اسان آء جي سنڌ کي به چونداسي ته وزير اعلي جي حڪم مطابق جلد جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ۽وارثن طرفان ٻڌايل ماسٽر مائينڊ جوابدارن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.