نوابشاھه (رپورٽ: اياز ڏاهري) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم نوابشاهه ۾ سردار شير محمد خان رند جي ميزباني ھيٺ ڪوٺايل ڊويزنل تنظيمي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته نوابشاهه اندر مقامي قيادت جي ڪم مان مطمئن آهيون ۽ چاھيون ٿا ته اڃا وڌيڪ تنظيم کي ھن ضلعي شھيد بينظيرآباد اندر متحرڪ ڪجي ته جيئن مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو ٺجي نه صرف حصو وٺجي پر اھڙي حڪمت علي جوڙجي جو مخالفن کي شڪست ڏئي سگهجي. ھن چيو ته پاڪستان مسلم فنڪشنل اليڪشن ۾ پنھنجا اميدوار بيهاريندي، ڪراچي جي ستن ضلعن ۾ تنظيم سازي مڪمل ٿي وئي آھي، تمام جلد سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ تنظيم سازي ڪري تنظيم کي سنڌ ۾ فعال ڪيو ويندو. ھن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايترو تجربو ناھي جنھن جي ڪري عوام مھانگائي کي منھن ڏئي ٿي، ھنن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي ماڻھن جو ترجمان نه پر پيپلز پارٽي جو ترجمان آھي، ھن چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، فقير محب جمالي کي بلا سبب گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. پيپلزپارٽي ايترو ڪري جيترو سھي سگھي. ايم پي اي نصرت سحر عباسي خطاب ڪندي چيو ته ھي آصف علي زرداري جو ضلعو آھي جنھن جي حالت خراب آھي، پنھنجي تڪ جو ٻيڙو ٻڏل اٿن ته سموري سنڌ جو ڇا حال ھوندو؟ ھن چيو ته صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو کي اسان سنڌ مٿان مڙھيو ويو آھي ٻار ڪتي چڪڻ سبب مري رھيا آھن پر ھتي انھن کي ايمبولينس به نه ٿي ملي.