شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس: نئين جُڙيل جاچ ٽيم جي شھيد جي پونيئرن سان ملاقات

0
621
شھيد ناظم جوکيو قتل ڪيس: نئين جُڙيل جاچ ٽيم جي شھيد جي پونيئرن سان ملاقات

ملير (رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو جي قتل واقعي جي جاچ لاءِ جڙيل نئين ٽيم طرفان ڳوٺ آچار سالار پهچي شهيد جي پونيئرن سان ملاقات ڪئي وئي، ايڊيشنل آءِ جي تنوير عالم اوڍو جي سربراهي ۾ جڙيل ٽيم شهيد ناظم جي گهرواري شيرين جوکيو ۽ ڀاءُ افضل جوکيو جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آھن

مقتول جي سئوٽ عليشان جوکيو ۽ وڪيل مظهر جوڻيجو جا به بيان رڪارڊ، جاچ ٽيم جو چوڻ آهي ته شهيد ناظم جي گهرڀاتين سوڌو واقعي جي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، شهيد ناظم پرڏيهي شڪارين خلاف جنهن جاءِ تان وڊيو رڪارڊ ڪئي، اُن جاءِ جو به جائزو ورتو ويو، واقعي جي اڻڌري جاچ ڪري رپورٽ اعليٰ اختيارين اڳيان پيش ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو جي گھرواري ايم اين اي ڄام ڪريم جي آڇ رد ڪري ڇڏي