شهيد ناظم جوکيو جي گھرواري ايم اين اي ڄام ڪريم جي آڇ رد ڪري ڇڏي

0
396
شهيد ناظم جوکيو جي وارثن

ڌاٻيجي (ن پ ا) شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي ڄام ڪريم پاران وارثن ڏانهن نياڻيون ميڙ ڪري وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي وئي، شهيد جي وارثن سندس آڇ رد ڪندي کيس ڳوٺ نه اچڻ جو چئي ڇڏيو

شهيد ناظم جوکيو جي گهر واري شيرين جوکيو جو چوڻ آهي ته ڄام ڪريم شهيد ناظم جي مامي کي واٽس ايپ وڊيو ڪال ڪري پنهنجون نياڻيون ڏيکاريندي چيو ته هي منهنجون ڌيئرون آهن، ٻيون به نياڻيون وٺي ايندس، خون بخش ڪريو

شيرين جوکيو چيو ته ماما سردارن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو، پر هن کيس جواب ڏئي ڇڏيو آهي

ھي به پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جو جاچ آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل