شھدادپور ۽ تنگواڻي ۾ ارڙي جا ڪلور، 2 ٻارڙا فوت

0
276

شهدادپور/تنگواڻي (نمائندن وٽان) شھدادپور ۾ اُرڙي وگهي معصوم ٻارڙو فوت، جنهن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نيو هائوسنگ سوسائٽي ۾ اُرڙي سبب هڪ سال جو زين پٽ حنيف کوسو فوت ٿي ويو، ٻئي طرف تنگواڻي ويجهو اُرڙي وگهي وڌيڪ هڪ ٻارڙيءَ فوت، سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ اڳ ئي فوت ٿي چڪا آهن ڳوٺ ڪمال مگسي ۾ 2ورهين جي شبانا ڌيءَ امان الله ميراڻي اُرڙي وگهي فوت ٿي وئي، فوتڻ ٻارڙي جا ڀاءُ ۽ ڀيڻ به اُرڙي وگهي فوت ٿي چڪا آهن، هڪ ئي هفتي ۾ ٽن ڀاءُ ۽ ڀينرن جي فوت ٿيڻ سبب گهر ۾ ڪهرام متل آهي، فوتي ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ صحت کاتي جي ٽيم نه اچڻ جي ڪري معصوم ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي فوت ٿي رهيا آهن.