عمران خان سان رشتو ڪمزور ناهي، ملاقات صرف وزيراعظم سان ڪنداسين: جهانگير ترين

0
290

لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته اسان جو گروپ ڪنهن ڪميٽي سان نه صرف وزيراعظم عمران خان سان ملندو، سيشن ڪورٽ لاهور جي ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين جو چوڻ هو ته منهنجي گهر هڪ افطار پارٽي ٿي جنهن ۾ دوستن شرڪت ڪئي ۽ اسلام آباد مان به ڪجهه دوستن رابطو ڪيو، ٿڌي هوا اسلام آباد مان گهلي آهي، ڪا به شئي رڪاوٽ نه بڻجندي، هن چيو آهي ته اميد آهي ته اسان جي گروپ جي عمران خان سان ملاقات ٿي ويندي، اسان ڪنهن ڪميٽي سان نه ملنداسين، اسان جو گروپ صرف عمران خان سان ملندو ۽ منهنجو رشتو عمران خان سان ڪمزور نه آهي، پي ٽي ءِ آءِ لاءِ هميشهه جدوجهد ڪئي، جهانگير ترين جو چوڻ هو ته ن ليگ جي دور ۾ به منهنجي ڪاروبار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي، مهنجو هن مامري ۾ ڪو به قصور نه آهي، هي ڪيس ايف آءِ جو نه آهي، ڪيس ۾ ڪير به فريادي نه آهي ۽ ڪنهن به شيئر هولڊر اعتراض به ناهي ڪيو. ٻئي پاسي سيشن ڪورٽ جهانگير ترين ۽ سندسن پٽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي، جهانگير ترين جي عدالت ۾ پيشي جي وقت پي ٽي آءِ ايم اين اي راجا رياض ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا، راجا رياض جو چوڻ هو ته اسان جي گروپ ۾ وڌيڪ ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ ڏسنداسين ته ڪهڙا ماملا طئي ٿين ٿا.