شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جيڪب آباد روڊ تي لوڊرا ٿاڻي جي حد دوست واھ ڀرسان مسافر ڪوچ ۾ مسافرن کان ڦر دوران مزاحمت تي ڪوچ جو ڪلينر قتل ۽ 2 مسافر زخمي ٿي پيا، جڏھن ته ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي، مسافرن ۽ مقتول ڪلينر جي وارثن لاش شڪارپور جيڪب آباد روڊ تي رکي روڊ تي ڌرڻو ھنيو، ڪوچ ڊرائيور مطابق ھو سدا بھار ڪوچ ۾ لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽا وڃي رھيا ھئا ته لاڙڪاڻي ويجھو واحد آباد کان چار مسافر ڪوچ ۾ سوار ٿيا جن شڪارپور ويجھو پھچڻ شرط مسافرن کان ھٿيارن جي زور تي ڦر شروع ڪئي جنھن دوران مزاحمت تي ڪوئيٽا واسي 28 سالن جو نوجوان محمد عمر بلوچ مارجي ويو ۽ 2 مسافر زخمي ٿي پيا جڏھن ته ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي جنھن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي واقعي بعد مسافرن ۽ مقتول نوجوان جي وارثن دوست واھ وٽ ڌرڻو ھڻي جيڪب آباد شڪارپور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن سبب بلوچستان ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ھوڏانھن مقتول ڪوچ ڪلينر جي ڊرائيور جو لاش ۽ زخمين کي سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي .