اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ نيلم جهلم منصوبو مڪمل  ٿيڻ باوجود بجلي صارفين کان ان منصوبي لاءِ سرچارج طور9 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو انڪشاف، پي اي سي پاران رقم واپس ڪرڻ جي هدايت، تفصيل موجب ڪالھه پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس دوران آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته نيلم جهلم منصوبو مڪمل ٿيڻ باوجود بجلي صارفين کان نيلم جهلم سرچارج جي مد ۾ 9 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آھن، جنهن تي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نيلم جهلم سرچارج جي مد ۾ اوڳاڙيل 9 ارب  عوام کي واپس ڪيا وڃن، جنهن تي بجلي وزارت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته 7.1 ارب رپيا نيلم جهلم ڪمپني کي جاري ڪيا ويا آھن، بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين وٽ رڳو باقي 2.9 ارب رپيا آھن. بجلي وزارت جي سيڪريٽري يقين ڏياريو ته جيڪا رقم بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين وٽ آھي اها رقم عوام کي واپس ڪئي ويندي.  اجلاس دوران پي اي سي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين  جي سي اي اوز جي مقرري جي طريقيڪار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، نور عالم خان چيو ته پارليامينٽ جا ميمبر اکيون بند ڪري بل پاس ڪن ٿا پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي ان حوالي سان حڪومت کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آھي، ڪاميٽي سي اي اوز جي مقرري جو طريقو تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني آھي، پي اي سي بجلي لوڊشيڊنگ ۽ اور بلنگ جي مسئلي تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آھي.