شڪارپور:کليل گٽر ۾ ڪِري فوت ٿيل نينگر جو ميونسپل ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪيس داخل

0
497

شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور ۾ کليل گٽر ۾ ڪِري فوت ٿيل معصوم نينگر جو ميونسپل ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪيس داخل ڪيو يو آھي، معصوم ايان علي جو ميونسپل ايڊمنسٽريٽر خلاف اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، شڪارپور جي عدالت پاران چيف ميونسپل آفيسر کي مين هول نه لڳائڻ تي شوڪاز جاري ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ عدالت پاران چيف ميونسپل آفيسر کي 4 مئي تي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.