اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شهباز گل جي گرفتاري ۽ تشدد خلاف سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽرن احتجاج ڪيو ۽ اجلاس مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو، سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي گرفتاري ۽ ان مٿان ٿيل تشدد خلاف احتجاج ڪندي چيو ته هڪ شخص جيڪو پروفيسر ۽ ڊاڪٽر آهي اهو پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ آيو هو، ان کي برداشت نه پيو ڪيو وڃي، ڇا سياست ان جو حق ناهي، شهباز گل مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي، کيس ڪجهه ٿيو ته قوم اٿندي، شهباز گل تي تشدد خلاف اسان واڪ آئوٽ ڪيون ٿا، قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته سياست لاءِ قربانيون ڏسڻيون آهن ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي ڏسو، رانا ثناءُ الله تي 15 ڪلو هيروئن مڙهڻ وقت توهان جا منهن ڪارا ڇو نه ٿيا هئا، شهباز گل جيڪو ڪجهه ڪيو ڇا ان کي گلن جا هار پارايون؟ شهباز گل کي عدالت جيل موڪليو آهي، ڪنهن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه ٿيندو، پي ٽي آءِ جي اعظم سواتي چيو ته ملڪ جو مجرم بيماري جو بهانو ڪري اڄ به ڀڳل آهي، اسان جي معصوم شهباز گل کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، ڪرپٽ ماڻهن جا سر قلم ڪيا وڃن، هن حڪومت کي وقت مليو آهي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پيپلزپارٽي جي مولا بخش چانڊيو چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي سياست جو انداز تبديل نه ڪيو ته منتشر ٿي ويندي، جڏهن رات جي انڌيري ۾ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي اسپتال مان توهان گرفتار ڪيو توهان کي ان وقت شرم نه آيو هو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، مرتضيٰ ڀٽو کي ان جي ڀيڻ جي حڪومت ۾ قتل ڪيو ويو، پر اسان ته ائين نه ڪيو جيئن عمران خان ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته جنهن قسم جي تقسيم ڪرڻ واري سياست ٿي رهي آهي اها سڀني سامهون آهي، آصف زرداري 12 سال جيل ۾ گذاريا پر سمجهوتو نه ڪيو، ٻوڏ تباهين تي ڪو به نه ڳالهائي رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي اگر لانگ مارچ ڪرڻو آهي ته ميدان ۾ اچي، پي ٽي آءِ کي آمريڪا ۾ اشتهار ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت پئجي وئي آهي، پي ٽي آءِ سي آءِ اي جي اڳوڻي اهلڪار جي ڪمپني سان معاهدو ڪيو آهي، هڪ طرف اهي آمريڪا کي گاريون ڏئي رهيا آهن ٻئي طرف انهن سان معاهدا ڪيا پيا وڃن، هي اتي پاڪستان خلاف ڪهڙي سازش ڪرڻ پيا وڃن، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪوڙن تي عوام کان معافي گهري، پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته هنن جي ايجنڊا ملڪ جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ آهي، شهباز گل جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي اها اسان جي پارٽي پاليسي ناهي، اسان جي پارٽي هميشه فوج کي عزت ڏني پر شهباز گل تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي، تشدد ذريعي ان کان ڪو به بيان وٺڻ درست ناهي، اڄ مون تي به تشدد ڪيو وڃي ته مان به چئي ڇڏيندس ته لياقت علي خان جو قتل مون ڪيو، هي عمران خان کي ٽيڪنيڪل ناڪ آئوٽ ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪوئي ٻاهر کان نقصان  نه پهچائيندو آهي ان جون ڄنگهون اسان پاڻ ٽوڙيندا آهيون، سياسي پارٽيون ختم نه ٿينديون آهن اگر ائين ممڪن هجي ها ته ضياءُ الحق پيپلزپارٽي ۽ پرويز مشرف مسلم ليگ (ن) کي ختم ڪري چڪو هجي ها، اسان به توهان کي ختم نه ٿا ڪري سگهون پر اسان سياست  کي گار نه ٿا بڻائڻ چاهيون.