اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 2008ع ۾ اپوزيشن ۾ هجڻ دوران اسٽيبلشمينٽ ۽ آءِ ايس آءِ سان رابطن ۾ هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته نيوٽرلز کي چوان ٿو ته اڃا به وقت آهي هو پنهنجي پاليسي  تي نظرثاني ڪن بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلا سٺا نه هوندا آهن

مان سمجهندو هئس ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ جو وڌيڪ فڪر هوندو، جڏهن مان سياسي جدوجهد ڪري رهيو هئس ته اسٽيبلشمينٽ پاران ڪيترائي ڀيرا آءِ ايس آءِ معلومات ڏني ته هنن هيتري چوري ڪئي آهي، جڏهن وزيراعظم ٿيس ته بدقسمتي سان نيب ڪنٽرول ۾ نه هئي، منهنجي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هنن مٿان مضبوط ڪيس آهن اهي ڇو نه هلي رهيا آهن، بعد ۾ معلوم ٿيو ته هنن مٿان ڪنهن جي شفقت جو هٿ هو، اهي ڪڏهن ايڪسيليٽر دٻائي ڇڏيندا هئا ته ڪڏهن اهو دٻاءُ واپس اچي ويندو هو ۽ اسان تماشو ڏسي رهيا هئاسين، گاريون اسان کي ملي رهيون هيون، اسٽيبلشمينٽ کان پڇان ٿو ته توهان هنن چورن کي ڪيئن ملڪ  تي مسلط ٿيڻ ڏنو، اسٽيبلشمينٽ وٽ سڀ کان وڌيڪ طاقت آهي

ھي به پڙھندا

غير قانوني فنڊنگ: ايف آءِ اي عمران خان جو موقف رد ڪري ڇڏيو

سڀ کان وڌيڪ طاقت سان گڏ ذميواري  به هوندي آهي اهو نه ٿو ٿي سگهي ته طاقت توهان وٽ هجي ۽ ذميواري ڪنهن ٻئي جي هجي، توهان جيترو مرضي پئي چئو ته اسان نيوٽرل آهيون پر تاريخ ۾ توهان تي الزام لڳندو، تاريخ لکي پئي وڃي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سيمينار کي خطاب ڪندي چيو آهي ته يقين ڏياريان ٿو ته مون کي ڪڏهن آزاد ميڊيا کان خوف نه ٿيو آهي پر اظهار راءِ جي آزادي جو اهو مطلب ناهي ته ڪنهن جا پٽڪا لاٿا وڃن، اهو معاشرو ترقي ڪري ويو جتي آزادي آهي، نواز شريف نجم سيٺي کي مارڪٽ ڪرائي، نجم سيٺي منهنجي خلاف الزام لڳايا ته مان عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو پر وزيراعظم هجڻ باوجود مون کي انصاف نه مليو، هن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ٻنهي پارٽين جي حڪومت ماضي ۾ ڪرپشن جي بنياد تي ختم ٿي، ماڻهن سوچڻ شروع ڪيو ته هنن کان فوج درست هئي، ضياءَ جي دور ۾ معاشي گروٿ وڌيڪ هئي، مان سياست ۾ آيو ئي ڪرپشن خلاف هئس، جتي به قانون جي حڪمراني نه هوندي اتي ڪرپشن  هوندي

نواز شريف ٽن سالن ۾ حڪومت ۾ رهي 17 فيڪٽريون ٺاهيون، پرويز مشرف جو دور آيو ته جنرل امجد هنن جي ڪرپشن جون فائلون ڏيکاريون، پرويز مشرف جي ان ڪري حمايت ڪئي ته سمجهيو پئي ته هو ڪرپشن ختم ڪرڻ آيو آهي پر پرويز مشرف هنن کي اين آر او ڏئي ڇڏيو، پرويز مشرف کي هنن جي چوري معاف ڪرڻ جو اختيار نه هو، هن چيو ته مان سمجهندو هئس ته اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ جو وڌيڪ فڪر هوندو، جڏهن مان سياسي جدوجهد ڪري رهيو هئس تڏهن ڪيئي ڀيرا آءِ ايس آءِ مٽيريل ڏنو ۽ اهو ٻڌايو ته هنن هيتري چوري ڪئي آهي، هن چيو ته جڏهن حڪومت ۾ هئس نيب منهنجي ڪنٽرول ۾ نه هئي، سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هنن تي ڪيس آهن پوءِ به پڪڙيا ڇو نه پيا وڃن پر بعد ۾ معلوم ٿيو ته هنن مٿان ڪنهن جي شفقت جو هٿ هو، ڪڏهن ايڪسيليٽر دٻايو ويندو هو، گاريون اسان کي ملنديون هيون ته ڪرپشن ثابت ڇو نه ٿي رهي آهي،  اگر نيب منهنجي ڪنٽرول ۾ هجي ها ته 15 کان 20 ڄڻن کان اربين رپيا ڪڍي وٺان ها ۽ کين جيلن ۾ وجهون ها، اسٽيبلشمينٽ کان سوال پڇان ٿو ته توهان هنن ماڻهن کي ملڪ مٿان مسلط ٿيڻ ڪيئن ڏنو، توهان پاڻ ته هنن جي چوري بابت اسان کي ٻڌائيندا هئا، ڪنهن معاشري کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان تي بم ڪيرائڻ جي ضرورت ناهي ان مان اخلاقيات کي ختم ڪري ڇڏيو

هن چيو ته شهباز شريف تي 16 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي، نواز شريف ڪوڙ ڳالهائي ٻاهر ويو، مريم نواز جي نالي ملڪيت ورتي وئي تڏهن ان جي عمر ننڍي هئي ان جو مطلب ته اهي پيسا به نواز شريف جا هئا، جڏهن ايترن وڏن لٽيرن بابت اسٽيبلشمينٽ کي معلوم هو ته هو سالن کان ملڪ کي لٽي رهيا آهن ته انهن کي ڪيئن اجازت ڏني وئي، حيران آهيان ته نيوٽرلز کي معلوم هو ته اسان جي حڪومت خلاف پرڏيهه مان سازش ٿي آهي ڊونلڊ لو جو سائفر آرمي چيف، صدر سوڌو سڀني وٽ آهي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ وٽ سڀ کان وڌيڪ طاقت آهي، ان سان وڏي ذميواري  به هوندي آهي، ڀلي  توهان چوندا رهو ته نيوٽرل آهيون پر تاريخ لکي پئي وڃي، تاريخ ۾ اوهان تي الزام لڳندو ته ڪيئن هنن کي توهان مسلط ٿيڻ ڏنو

هن وقت ملڪ ۾ ماڻهن کي مختلف طريقن سان نفسياتي طور تي دٻايو پيو وڃي ته جيئن رڍ ٻڪرين وانگر هن حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، ان لاءِ هر حربو استعمال ڪيو پيو وڃي، سوشل ميڊيا جي ٻارن کي کنڀيو پيو وڃي، ارشد شريف، صابر شاڪر کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻو پيو، اي آر واءِ کي بند ڪيو ويو، شهباز گل کان اگر هڪ جملو نڪري ويو جيڪو کيس نه چوڻ گهرجي ها ان بنياد تي اي آر واءِ کي ڪيئن بند ڪري سگهو ٿا، ان کان وڌيڪ ته نواز شريف، فضل الرحمان، اياز صادق ۽ ٻين ڳالهايو آهي، شهباز گل کي ننگو ان مٿان تشدد ڪيو ويو، شهباز گل کي چيو پيو وڃي ته اهو بيان ڏي ته عمران خان جي چوڻ تي بيان ڏنو، مون کي شرم اچي رهيو آهي ته چورن کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ائين ڇو ڪيو پيو وڃي، هي پلاننگ ڪري رهيا آهن ته ڪنهن طرح تحريڪ انصاف ٽٽي وڃي، اسان جي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان رابطا ڪري خوف ڦهلايو پيو وڃي، هي پاڪسان لاءِ فيصلا ڪن دور آهي، قوم ۾ جيڪا سجاڳي ڏسان ٿو ايتري سجاڳي ڪڏهن نه ڏٺي آهي، قوم ۾ جيڪا بيداري آهي توهان جيڪو مرضي پڄي ڪيو  ڪجهه نه ٿا ڪري سگهو

قوم ۾ آيل بيداري جي جن کي  هاڻي بوتل ۾ بند نه ٿو ڪري سگهجي، شهباز گل کان اهو به پڇيو پيو وڃي ته عمران خان ڇا کائيندو آهي، هنن کي منهنجي ڊائيٽ جو فڪر ناهي جو اها معلومات وٺي رهيا آهن شهباز شريف ڪيس ۾ 4 گواهه دل جي دوري سبب مري چڪا آهن، اگر ڪير ڇا ٿو کائي بابت معلوم هوندو آهي ته پوءِ ان کي هي ٺڪاڻي لڳائيندا آهن، نيوٽرلز کي پيغام ڏيان ٿو ته ملڪ جو فڪر اٿوَ، ڇا توهان کي معلوم آهي ته ملڪ ڪاڏي پيو وڃي، جيستائين سياسي استحڪام نه ايندو معيشت ڪيئن ٺيڪ ٿيندي، ڪنهن کي معلوم ناهي ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ ڇا ٿيندو، قرضن تي ملڪ نه ٿو هلي سگهي، ڪينسر جو علاج ڊسپرين سان نه ٿو ٿي سگهي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو هڪ ئي حل شفاف چونڊون آهن ان کانسواءِ ڪو ٻڌائي ته سياسي استحڪام ڪيئن ٿي سگهي ٿو، نيوٽرلز کي چوان ٿو ته اڃا به وقت آهي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪيو، بند ڪمري ۾ فيصلا سٺا نه هوندا آهن، هي 22 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي، جن ۾ نوجوانن جي اڪثريت آهي، جن کي نوڪريون گهرجن، سختيون ڪري هنن چورن کي تسليم نه ٿو ڪرائي سگهجي، اگر مون کي ڪو چوي ته هنن چورن هيٺان زندگي گذارڻي آهي ته مان چوندس ته ان کان موت بهتر آهي. هن چيو ته مون کي ٻڌايو ويو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ سلمان شهباز رشوت وٺڻ چين پهچي ويندو هو

هن چيو ته ڪنهن تي الزام نه ٿا هڻون ته فوج سازش جو حصو هئي، پر اسٽيبلشمينٽ اهو ٻڌائي ته توهان ڪيئن هنن چورن کي ملڪ تي مسلط ٿيڻ ڏنو. هن چيو ته مون کي نااهل قرار ڏئي چيو ويندو ته ٻنهي کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي، مون کي لٽيري سان ملايو ويندو اهو قبول نه اٿم. قوم اٿي پئي آهي هاڻ ان کي واپس نه ٿو ڪري سگهجي، ماڻهن تي جيترو ظلم ڪندئو، شهباز گل کان پڇيو پيو وڃي ته عمران کائي ڇا ٿو؟ نيوٽرلز کي پيغا آهي ته توهان کي هن قوم جو فڪر آهي؟ ملڪ جي معيشت جو جيڪو حال آهي سياسي استحڪام کانسواءِ معيشت ڪيئن بهتر ٿيندي؟ سيڙپڪار کي استحڪام جي ضرورت هوندي آهي، سعودي عرب، عرب امارات  يا چين کان پئسا اچڻ ڪاميابي نه آهي، قرض وڌايو پيا ته موٽائيندئو ڪيئن؟صاف شفاف چونڊن کانسواءِ استحڪام نه ايندو ۽ ملڪ هيٺ هليو ويندو

ھي به پڙھندا

شهباز گل عدالت ۾ پيشي دوران لڙڪ لاڙي ويٺو