لاهور (م ڊ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي ضمانت ملي وئي پر آزادي نه ملي سگهي ۽ معاملو ٽنگجي ويو، عدالت جي مختصر فيصلي ۾ ٻن مان هڪ جج جي صحيح نه ٿيڻ جي ڪري ضمانتي مچلڪا جمع نه ٿي سگهيا. خيال رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 13 اپريل تي شهبازشريف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو، 14 اپريل تي مختصر فيصلو سامهون اچڻ تي حڪم نامي تي رڳو جسٽس محمد سرفراز ڊوگر جي صحيح هئي، اسجد گهرال جي صحيح نه هئي. ذريعن موجب جسٽس اسجد گهرال جو اختلافي نوٽ سامهون اچي رهيو آهي، قانوني ماهرن موجب هڪ جج پاران اختلافي نوٽ لڳائڻ جي صورت ۾ معاملو چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪليو ويندو، چيف جسٽس فيصلي لاءِ ريفل جج مقرر ڪندو.