اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ لبيڪ جي احتجاج کي سامهون رکندي وفاقي گهرو وزارت پي ٽي اي چيئرمين کي لکت ۾ حڪم جاري ڪندي فوري طور تي سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس ٽوئيٽر، فيس بوڪ، واٽس ايپ، يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ، ٽيلي گرام کي صبح 11 کان منجهند 3 وڳي تائين بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ 11 کان 3 وڳي تائين ملڪ اندر مٿي ڄاڻايل سماجي رابطن جي ذريعن جي سروس بند ڪئي وئي، 3 وڳي کان پوءِ اها سروس بحال ڪئي وئي. هوڏانهن گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد ملڪ اندر سوشل ميڊيا 3 ڪلاڪن لاءِ بند ڪرڻ تي معذرت ڪندي چيو آھي ته سوشل ميڊيا ان ڪري بند ڪئي جو هنن جو جمعي بعد احتجاج لاءِ نڪرڻ جو پروگرام هيو پر جمعي ڏينهن ملڪ اندر پرسڪون گذريو آھي سڄي ملڪ ۾ هو ڪٿي به ٻاهر نه نڪتا آهن، دهشتگردن، اشتعال انگيزن ، ملڪ اندر بيچيني ڦهلائيندڙن، ايمبولنسن ۽ آڪسيجن ٽرڪن کي روڪيندڙن، عام ماڻهن جي چرپر ۾ مداخلت ڪندڙن کي شڪست ٿي آھي. هن چيو ته اسان تحريڪ لبيڪ کي ڪالعدم قرار ڏنو آھي انهن جا بينڪ اڪائونٽس ، پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪنداسين ڪنهن به قيمت تي کين دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين ڪوشش ڪندا سين مستقبل ۾ سوشل ميڊيا بند نه ڪئي وڃي. جڏهن ته ٽوئٽر تي سوشل ميڊيا بين هيش ٽيڪ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو، حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي.