ڪراچي/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ سرڪار جي ترجمان ۽ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪپتان ماڻهن کي ڏيڻ نه پر وٺڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، رڳو ترقياتي پيڪيجن جا اعلان ڪرڻ سبب عمران خان جو نالو اعلان خان هجڻ کپي، وفاقي حڪومت کي ڪورونا جي ويڪسينيشن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هر عمر جي شهري کي ويڪسين لڳڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ هفتي اندر ڪورونا ڪيسن جي شرح وڌي وئي آهي، شهري ماسڪ پائي ايس او پيز تي عمل ڪن، وفاقي حڪومت ويڪسين تي گهٽ ۽ فنڊ جمع ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي.. وفاقي ڪابينا ڊسمبر 2020ع ۾ ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، اڃا تائين ويڪسين حاصل ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته وزيراعظم کي رمضان ۾ ئي سنڌ ياد ايندي آهي، ان وقت هو شوڪت خانم اسپتال لاءِ چندو گڏ ڪندو آهي، هن وقت به سندس ٽارگيٽ ڪراچي ۾ ڪاروباري برادري کان فنڊ گڏ ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم 2 سال اڳ 162 ارب رپين جي ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪيو، جنهن تي ڪم ناهي ڪيو ويو. ٿر لاءِ هڪ ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو، ٿر ۾ موبائيل هيلٿ يونٽ سميت ڪو منصوبو شروع ناهي ڪيو ويو. 2019ع ۾ اسلام آباد ۾ ويهي ڪري حيدرآباد يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو ويو پر اڄ تائين حيدرآباد يونيورسٽي جو چارٽر ئي منظور نه ٿيو آهي، هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڪورونا جي شرح 19 سيڪڙو آهي، وزيراعظم کي سوچڻ گهرجي ته اهڙين حالتن ۾ هو سکر ۽ ڪراچي جو سفر ڇو ڪري رهيو آهي؟  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسد عمر چوندو هڪڙي ۽ ڪندو ڪجهه ٻيو آهي. آدمشماري مامري تي پ پ سرڪار سنڌ جو ڪيس وڙهيو، ٻئي طرف سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاھ چيو آھي ته پهرين چيو ويو ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي، اڄ وري وڏا وڏا ماڻهو سکر پهتا، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ٿيندو يا رڳو ڳالهيون ٿينديون؟ هن چيو ته وزيراعظم اڄ به اندروني سنڌ جو لفظ استعمال ڪيو، صوبائي وزير چيو ته اعلان خان سکر پھچي 446 اربن جي پيڪيج جو اعلان ڪري هليو ويو، هن چيوته پيڪيج ۾ ڄاڻايل اڪثر منصوبا اڳوڻين حڪومتن جا آھن، ڪراچي کان اوٻاوڙي تائين 446 ارب ڪجهه به ناهن صوبائي وزير جو چوڻ ھو ته وزيراعظم کي سنڌ جي ٻيٽن جي نالن جي خبر ناهي، ٻيٽ سنڌ جي امانت آهن، انهن ۾ خيانت قبول نه ڪبي، ٻيٽن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ھن چيو ته مولانا فضل الرحمان رابطن لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي، اسان ڪنهن جي ماتحت ناهيون، شوڪاز نوٽيس برداشت نه ڪيا ويندا.