شعيب ۽ ثناء جاويد وچ ۾ ٽن سالن کان لاڳاپن جو انڪشاف

0
104
شعيب ۽ ثناء جاويد وچ ۾ ٽن سالن کان لاڳاپن جو انڪشاف
شعيب ۽ ثناء جاويد وچ ۾ ٽن سالن کان لاڳاپن جو انڪشاف

لاهور ( شوبز نيوز ) نجي ٽي وي چئنل دعويٰ ڪئي آهي ته شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد ٽن سالن کان لاڳاپن ۾ هئا اِهو ئي سبب آهي جو شعيب ملڪ ثانيا ۽ ثناءَ جاويد عمير جيسوال کان طلاق ورتي

خانگي چينل موجب  شعيب ۽ ثناءَ وارو معاملو ايتري حد تائين وڌي ويو هو جو شعيب ملڪ کي جنهن ٽي وي شو ۾ شرڪت جي دعوت ملندي هئي هو شرط رکندو هو ته ثناءَ جاويد کي به گهرايو وڃي

شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد وچ ۾ لاڳاپا ان وقت ئي قائم ٿي چڪا هئا جڏهن ثناءَ جاويد راڳي عمير جيسوال سان شادي ڪئي هئي، عمير جيسوال معاملي کان اڻڄاڻ هو پر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا کي ان جو پتو پئجي ويو هو

شعيب ملڪ جي گهروارن ۽ ثانيا مرزا شادي کي بچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر شعيب ملڪ نه مڙيو، جنهن بعد نيٺ ثانيا مرزا کيس طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو

پوڊ ڪاسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي طلاق کانپوءِ ثناءَ جاويد به پنهنجي مڙس کان طلاق ورتي. شعيب ملڪ ۽ ثناءَ جاويد طرفان نجي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڪيل دعوائن بابت اڃا تائين ردعمل سامهون ناهي آيو