خانپور ڀرسان جعفري ۽ ڪرسي جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل، ڌرڻو

0
69
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل

خانپور (رپورٽ: سفيع الله) خانپور ڀرسان جعفري ۽ ڪرسي جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل

ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾  جعفري ۽ ڪرسي جتوئي ڌرين ۾  پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ پيرسن قتل ٿي ويو

ڳوٺ شڪاري جعفري ۾ ھٿياربندن  جي فائرنگ ۾ پيرسن محمد  پنھل جعفري مارجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش  اسپتال منتقل ڪيو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

جعفري ۽ ڪرسي جتوئي ڌرين ۾ چوپائي مال جي چوري تان تڪرار هلندڙ آهي، هن وقت تائين مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو

مقتول پيرسن جي وارثن جو چوڻ هو ته سال اڳ چوري دوران مزاحمت تي جعفري  برادري جا 2 ڀاڳيا ۽ ڪرسي جتوئي ڌر جو هڪ ڄڻو قتل ٿيا هئا

هي به پڙهندا

ٺاروشاهه ڀرسان 3 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ نوجوان گوليون هڻي قتل