ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) قانون بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شاگرد يونين (اسٽوڊنٽس يونين ) جي بحالي لاءِ بل تي بحث، سنڌ جي مختلف پرائيويٽ ۽ سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن شاگرد يونينز جي بحالي تي اعتراض واري ڇڏيا، ڪالهه پير مجيب جي صدارت ۾ قانون بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مهراڻ يونيورسٽي سميت مختلف يونيورسٽين جي وي سيز شاگرد يونينن جي بحالي تي اعتراض واريندي چيو ته يونيورسٽي ۾ پھچندڙ شاگرد ميچوئر ناھن ھوندا، اهي سياسي پارٽين ۾ شامل ٿي اھي غلط استعمال ٿيندا آھن، اسان وٽ شاگردن کي روشن خيالي ۾ رکيو ويندو آھي ، شاگردن کي ھر حق فراھم ڪيو پيو وڃي، جنهن تي اسٽيڊنگ ڪاميٽي چيئرمين پير مجيب وائيس چانسلرن جي سفارش تي سب ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، پير مجيب الحق چيو ته سب ڪاميٽي هڪ مهيني اندر مختلف يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرن جا رايا وٺي سفارشون پيش ڪندي، هن چيو ته وي سيز کان تجويزون وٺڻ جو مقصد اھو آھي ته جيئن شاگرد يونينن جي بحالي سان تعليم ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي سگھي، هن وڌيڪ چيو ته شاگرد يونين جي بحالي شاگردن جو قانوني حق آھي، اسان بل ۾ اھڙيون شيون آڻڻ چاهيون ٿا جن سان شاگرد مطمئن ٿين، هن چيو ته مڃون ٿا ته ماضي ۾ شاگرد يونينز ڪري مسئلا ٿيا پر انهن کي بھتري طرف آندو ويندو، اجلاس ۾ يونيورسٽين جي وي سيز چيو ته شاگردن يونين بحال ٿي ته اھا ٻه مونهين تلوار جيان ھوندي، اجلاس ۾ جنهن دوران پير مجيب الحق چيو ته شاگردن کان انھن جو آئيني حق نه ٿو کسي سگھجي، سب ڪاميٽي جي رپورٽ اچڻ تائين اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪيو ويو