آن ايئر شو ۾ حريم شاهه جي فون، شيخ رشيد جي ڇَنڊ

0
265
آن ايئر شو ۾ حريم شاهه

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جي زينت بڻجي ويو آهي.ناليواري ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه طرفان انسٽاگرام تي هڪ خانگي ٽي وي شو جو ٽيزر شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن شو دوران ميزبان جي چوڻ تي شيخ رشيد کي ڪال ملائيندي ڏسي سگهجي ٿو

وڊيو ۾ حريم، شيخ رشيد کي ڪال ملائڻ دوران ڪيميرا تي پنهنجي موبائل به ڏيکاري جنهن ۾ هن ميزبان کي ڏيکاريو ته هن شيخ رشيد جو نمبر ڪهڙي نالي سان سَيو ڪيو آهي.حريم جي ڪال ڪرڻ تي شيخ رشيد ان جي ڪال ريسيو ڪئي ۽ انکي ٿوري دير ۾ ڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.تنهن هوندي به حريم، شيخ رشيد سان ڳالهائڻ تي زور ڀريو جنهن تي گهرو وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چئي رهيو آهي ته بڪواس بند ڪيو جنهن کانپوءِ هن فون ڪٽي ڇڏي.