ڪراچي (م ڊ) نواز ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسيمبلي ۾ ماڻهن کي جوتا لڳي به سگهن ٿا، حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان جو جواب رڳو سياسي احتجاج سان نه ڏينداسين. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهد خاقان پاڻ چئي چڪو آهي ته هن اسپيڪر کي جوتو هڻڻ جي ڳالهه ڪري سٺو ناهي ڪيو پر جيڪڏهن معافي گهرڻ جو معاملو آيو ته پوءِ اسپيڪر ۽ عمران خان ٻنهي کي سئو سئو ڀيرا معافي وٺڻي پوندي، اسپيڪر پنهنجو ڪردار اڻ ڌريو ادا ناهي ڪيو. هن چيو ته اسپيڪر ۽ وزيرن جو رويو اهڙو ئي رهيو ته ايوان ۾ ماڻهن کي سچ پچ به جوتا لڳي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ڇا ٿي سمجهي ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن اسان ان تي سياسي احتجاج ڪنداسين، اسان سياسي احتجاج تائين محدود نه رهنداسين.