اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر جي اهڙي نوٽيس تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مون کي نوٽيس نه مليو آهي، نوٽيس جاري ٿيڻ جو ميڊيا ذريعي معلوم ٿيو آهي، هن چيو ته مان اسپيڪر کان معافي ڇو گهران، معافي ته اسپيڪر کي مون کان وٺڻ گهرڻ گهرجي، هن چيو ته هن اسپيڪر جي ڪا عزت ناهي، مون 8 اسپيڪرن سان ڪم ڪيو آهي، هي پهريون اسپيڪر آهي جنهن جي حڪومتي ڌر جا ميمبر به عزت نه ڪندا آهن، شاهد خاقان چيو ته پارليامينٽ جي روايت رهي آهي ته جيئن اسپيڪر ايوان ۾ ايندو آهي ته ميمبر احترام ۾ اٿي بيهندا آهن پر هن اسپيڪر جي احترام ۾ مخالف ڌر ته ڇا پر حڪومتي ميمبر به اٿي نه بيهندا آهن، هن چيو ته نوٽيس مليو ته پوءِ ڏسندس ته ڇا ڪرڻو آهي؟