اسلام آباد (بيورورپورٽ) وزيراعظم عمران خان توهين رسالت کي روڪرائڻ جي معاملي تي مسلمان ملڪن جي سربراهن کي خط لکيا آهن. ان باري ۾ وزيراعظم جي وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ طاهر اشرفي چيو ته ان معاملي تي او آءِ سي جو خاص اجلاس به ٿيڻ جو امڪان آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڌرين ڪوشش ڪئي ته ٽي ايل پي جي معاملي کي رتوڇاڻ ڏينهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر عالمن ائين ٿيڻ نه ڏنو. هن چيو ته ان باري ۾ قرارداد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي آهي پر ڪجهه ماڻهن جو رويو افسوسناڪ هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص قرارداد ۾ بهتري چاهي ٿو ته پارليامنٽ جو فلور موجود آهي، اسلاموفوبيا روڪڻ لاءِ حڪومت عالمي فورمن تي آواز اٿاريو، حڪومت او آءِ سي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪرائڻ جو ارادو ڪيو آهي جنهن لاءِ رابطا ڪيا ويندا، 57 مسلمان ملڪن کي گستاخاڻن خاڪن جي معاملي تي گڏيل جدوجهد لاءِ خط لکيا آهن، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ شاهد خاقان عباسي پاران اسپيڪر کي جوتو هڻڻ جي ڳالهه تي ڏک پهتو آهي.