ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بغير پئسن جي دعوت ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماني کائي واپس هليا ويا. جي يو آءِ اڳواڻ حافظ ربنواز چاچڙ جي پٽن جي شادي تقريب ڪنڌڪوٽ ويجهو سندس ڳوٺ ۾ ٿي. جنهن ۾ ماڻهن دعوت ۾ شرڪت ڪئي. ۽ دعوت ۾ ايندڙ ماڻهن پنهنجي مرضي موجب سندس پٽن کي پئسن واريون ڪنڊيون وڌيون ۽ اڪثر ائين ئي زبردست طعام کائي واپس هليا ويا.حافظ ربنواز چاچڙ پاران ڪيل پٽن جي شادي دعوت ۾ 20 کان مٿين طعام تيار ڪيا ويا. جي يو آءِ اڳواڻ حافظ ربنواز چاچڙ جي دعوت ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، راشد محمود توڙي پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ اهڙي بغير پئسن جي ڪيل دعوت کي ساراهيو ويو. ۽ سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ هو ته حافظ ربنواز چاچڙ جيان ڪيترائي پئسي وارا پارٽي هتي موجود آهي ۽ خود پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا به دعوتون ڪندا رهندا آهن پر هنن ڪڏهن به بغير پئسي واري دعوت ڪڏهن به نه ڪئي آهي.هنن چيو ته حافظ ربنواز چاچڙ ڪو پ پ يا وري ڪنهن ٻي جماعت جو چونڊيل نمائندو ناهي پر هو هڪ ڪاروباري شخص آهي جنهن پنهنجي پٽن جي شادي جون خوشيون دل کولي ڪيون.