ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀريا سٽي ويجھو موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو. ان ڏس ۾ ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ الھڏتو ڀنڀرو وٽ نامعلوم ڦورن پاران ملوٽرسائيڪل ڦر مزاحمت تي پيٽرول پمپ تي ملازمت ڪندڙ نوجوان زاھد تنيو گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو. ڦورو سندس موٽرسائيڪل  روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اھڙي اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس پھچي سندس لاش ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته ڦر جي اطلاع تي پھتاسين ۽ نوجوان جو لاش ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو آھي وڌيڪ جاچ جاري آھي. ٻئي پاسي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته  فوتي نوجوان ڀرياسٽي باءِ پاس تي تاج پمپ تي ملازمت ڪندو ھو۽ پڊعيدن ڀرسان ڳوٺ يعقوب تنيو جو رھواسي ھو.