اسلام آباد: ملڪ اندر سڪن جي ڏي وٺ گهٽجڻ باوجود پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رپين سان گڏ پيسا به مقرر ڪيا وڃن، مثال طور پيٽرول جي في ليٽر جي نئين قيمت 118 رپيا 9 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪو هڪ ليٽر پيٽرول وجهرائي ته 9 پيسا شهري ڪٿان آڻيندو؟ ان ڪري اڪثر طور تي پيسن جي جڳهه تي شهرين کي مختلف پيٽرول پمپن تي رپيو ادا ڪرڻو پوي ٿو، پيٽرول قيمتن ۾ پيسا مقرر ڪرڻ سبب به عوام جي کيسي مان وڏي پيماني تي پيسا ڪڍيا وڃن ٿا.