ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه صوبائي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي 17 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، ڇنڇر ڏينهن طلب ڪيل اجلاس ۾ مجموعي طور 35 ايجنڊائون شامل آهن، صحافين جي تحفظ وارو بل، لاڙڪاڻي بورڊ لاءِ نسيم احمد ميمڻ جي چيئرمين طور مقرري، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10 ارب رپين جي منظوري، گجر ، محمود آباد ۽ اورنگي ٽائون نالن جي 6500 متاثرين جي بحالي، ، ايل بي او ڊي جي مرمت، سنڌ ٽربيونل انڪوائري آرڊيننس جي منٽس جي منظوري سميت ٽيلي هيلٿ اينڊ ٽيلي ميڊيسن بل، سنڌ هيلٿ ڪيئر سروس پرووائيڊرس اينڊ فيسلٽيز بل 2021ع ، دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وي سي جي مقرري، ميرپورخاص يونيورسٽي جو نالو ابن سينا يونيورسٽي رکڻ، سنڌ آرمس ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم سميت 35 ايجنڊائون منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ٿينديون.