سکر (بيورو رپورٽ) ڪسٽم لينڊ ۽ ڪسٽم انٽيلجنس طرفان گڏيل طور تي سکر سبزي منڊيءَ وٽ ڳجھي اطلاع ڪاروائي ڪري 138 ڪلو چرس برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، اِن ڏس ۾ ڪيلٽر ڪسٽم عرفان منگي، سپريٽينڊنٽ علي احمد ۽ ٻين پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڪوئيٽا کان سکر پھتل فروٽ سان ڀريل مزدا ٽرڪ جي تلاشي ورتي جنھن مان 138 ڪلو ايڪسپورٽ اي ون ڪواليٽيءَ جو چرس برآمد ڪيو ويو، جنھن جي مارڪيٽ ۾ 19 ملين رپين کان وڌيڪ ماليت آھي، ھڪ ڪلو چرس جي ماليت ھڪ لک 20 ھزار روپيا آھي،ھٿ ڪيل چرس واري ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي آھي.