ڪراچي/ ميرو خان (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ميروخان واسي سيڪيورٽي گارڊ مبينا طور آپگھات ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ نارٿ ڪراچي ۾ هڪ بنگلي تي ڊيوٽي ڏيندڙ سيڪيورٽي گارڊ صدا حسين ولد سونو خان ابڙو جو گولي لڳل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب گارڊ صدا حسين ابڙو پاڻ کي گولي هڻي آپگھات ڪيو پر خودڪشي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا، پوليس موجب بنگلي تي 2 گارڊ ڊيوٽي ڪندا هئا، هڪ گارڊ جي ڊيوٽي رات جو هئي،