خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مھر جي مختلف ھنڌن ٽيڪسي اڏو، مھر پمپ ۽ ڌني واھي باءِ پاس تان ٽن پوليس موبائلن ۾ سوار گھوٽڪي ۽ عادلپور پوليس جا اهلڪارمقامي فنڪار ۽ ڊرائيور شيرل عرف بجلي گڏاڻي، ذوالفقار سومرو، منور مھر ۽ خانڳڙھ واسي ذاڪر شاھ کي کڻي ويا. خانپورمھر ويجھو ڌني واھي باءِ پاس وٽ گھر ڀاتين سان گڏ ڪار ۾ ايندڙ ڊرائيور اشرف مھر جي گاڏي کي روڪي گھرڀاتين کي لاھي کيس ڪار سميت پاڻ سان گڏ وٺي ويا. ڊرائيورن جو جو چوڻ ھو ته گھوٽڪي ۽ عادلپور پوليس 5 ڊرائيورن کي کڻي وئي آھي. خانپورمھر پوليس موجب ڊرائيورن جي گرفتاري بابت ڄاڻ ناهي، ٿي سگهي ٿو کين گاڏيون چوري الزام ۾ جاچ لاءِ کڻا ويا هجن. ايس ايچ او اي سيڪشن گھوٽڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معاملي بابت ڪا به ڄاڻ ناھي ھوڏانھن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب خانپورمھر سميت گھوٽڪي ضلعي مان چوري ٿيل ڪارن ۽ چوري جي گاڏين جي خريد و فروخت جي حوالي سان پوليس ٽريسنگ سسٽم کي ڪتب آڻيندي اھي ڪارروايون ڪيون آھن.