سکر(بيورو رپورٽ) يوم دفاع جي حوالي سان سکر ۾ فنڪشنل مسلم ليگ طرفان 1000 فوٽ جھنڊو ٺاھي فليگ  مارچ ڪري پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سياسي، سماجي، مذھبي جماعتن توڙي اسڪولن ۾ يوم دفاع جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪري ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ هر قسم جي قربانين جو عزم ورجايو ويو. تفصيل موجب يوم دفاع جي حوالي سان پوري ملڪ جيان سکر ۾ به سياسي، سماجي، مذھبي جماعتن، سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون. فنڪشنل مسلم ليگ طرفان 1000 فوٽ ڊگهو قومي جھنڊو ٺاھي گوليمار کان فيلگ مارچ ڪيو ويو. فنڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ جي اڳواڻي ۾ نڪتل فليگ مارچ مختلف علائقن کان ٿيندو لب مھراڻ سامھون گلوب چوڪ تي پھتو. مارچ ۾ شريڪ ماڻھو پاڪستان زندهه آباد، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هڻي رهيا هئا. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان ملٽري روڊ کان سکر پريس ڪلب تائين منور حسين چوھاڻ، ڪاشف قاضي، صبا ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.شڪارپور روڊ تي قائم سٽي اسڪول،  آل پاڪستان وومين اسڪول (اپوا)، تنظيم فڪر و نظر سنڌ توڙي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن طرفان يوم دفاع جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون ويون جنھن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز ۽ تقريرن ذريعي پاڪستان سلامتي لاءِ پنھنجي جانين جون قربانيون ڏيندڙن پاڪ فوج جي شھيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. هوڏانهن سکر اسمال ٽريڊرز پاران صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي صرافه بازار کان ريلي ڪڍي وئي.