جيڪب آباد (رپورٽر) ھڪ ڏينھن اڳ آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ منظور پنھور مان چور پوليس اھلڪار معشوق اوڏ جي گهر ۾ کاٽ ھڻي پيتي ٽوڙي سندس ڌيءَ جي ڏاج لاءِ پيل 3 تولا سون، 40 ھزار روڪ رقم ۽ قيمتي سامان چورائي ويا ھئا، اھڙي خبر جڏهن اخبار ۾ شايع ٿي ته ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ ضلعي ۾ واحد ڀرتي ٿيل اقليتي اھلڪار معشوق اوڏ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس اھلڪار جي پٽ پيپلزپارٽي منارٽي ونگ جي ضلعي نائب صدر رابيل اوڏ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گھران ٽي لک کان مٿي جي چوري ٿي، اھڙي خبر جڏهن اخبار ۾ شايع ٿي ته ايس ايس پي والد کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي ۾ واحد منهنجو پيءُ اقليتي اھلڪار ڀرتي ٿيل آهي جنهن کي معطل ڪرڻ سراسر زيادتي آهي ھن وڏي وزير سنڌ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اھڙي معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان برآمد ڪرائي ڏنو وڃي ۽ والد کي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي.